لاهور – 19 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور سان گورنر هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪراسد قيص?? ۽ ??طلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پارلياماني، حڪومتي ۽ سياسي معاملن سميت ٻين معاملن جي ??ار?? ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ پوليٽيڪل سيڪريٽري ٽو گورنر پنجاب ميان ڪاشف اقبال ۽ پنجاب حڪومت جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن ميان انس اسلم ڊوله به موجود هئا، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ۾ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرو?? چيو ته مخالف ڌر کي قومي مفاد ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت پارليامينٽ سميت ادارن جي مضبوطي تي يقين ??کي ٿي، هن چيو ته ادارن جي استحڪام سان ئي پاڪستان مضبوط ۽ خوشحال ٿيندو، هن جو چوڻ هو ??ه الحمدالله پاڪستان جو تيزي سان اڄ دنيا ۾ اميج بهتر ٿي رهيو آهي.