جده-23 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي شهر جده ۾ ڪتاب ميلو پڄاڻي تي پهتو. ميلي ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ پبلشرز شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب 10 ڏينهن تائين جاري ڪتاب ميلي ۾450 پولين قائم ڪيا ويا هيا ، جنهن ۾ عربي سميت مختلف زبانن ۾ ڪتابن جي نمائش ڪئي وئي. ان موقعي تي اد?? ، پبليڪيشن ۽ ترجمو اٿارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر محمد حسن علوان سرپرستي تي قيادت جو شڪريو اد?? ڪيو. ه?? چيو ته رياض ?? مدينه منوره کانپوءِ جده ڪتاب ميلو ملڪ جو ٽيون وڏو ثقافتي ايونٽ آهي. ه?? چيو ته ڪتاب ميلي ۾ 4 لک 50 هزار ڪ??اب وڪرو ٿيا آهن.