اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪمالا هيرس کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته آئون نئين چونڊيل صد?? کي جمهوريت تي عالمي ڪانفرنس گهرائڻ سان گڏ ڪرپٽ اڳواڻن پاران چوري ڪيل قومي دولت لڪائڻ ?? ٽيڪس چوري جي غيرقانوني ٺڪاڻن جي خاتمي لاءِ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.