ملتان – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي سوا ارب مسلمانن کي نبي ﷺ جي شان ۾ اظهار جي آزادي جي نالي تي ٿيندڙ گستاخي سان تڪليف پهچي ٿي، سمو??ن مسلمان ملڪن کي گڏائي اولهه کي اهو باور ڪرائينداسين ۽ پوءِ به اهي باز نه آيا ته انهن جو واپاري بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، پوءِ ان جو اثر به ٿيندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيا?? جي شروعات ٿي وئي آهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ضرور ٺهندو ۽ ان جي لاءِ آئيني ترميم آڻينداسين، پنجاب جا ماڻهو عثمان بوزدار جي 5 سالا ??ار??ردگي کي ياد رکندا. هو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ ۽ ملتان جي لاءِ 30 ارب رپين جي خصوصي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو ??ٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.