اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شا??ه محمود قريشي جمعي ڏينهن ترڪي ۾ فل??طين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر رياض المالڪي سان مل??قات ڪئي. مل??قات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فل??طين جي پرڏيهي وزير فل??طين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شا??ه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شا??ه محمود قريشي چيو ته فل??طين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فل??طين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فل??طيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فل??طين جي هم منصب کي ??لسطين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فل??طين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فل??طيني قيادت ۽ عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فل??طيني پرڏيهي وزير کي ??يش ڪيو جنهن تي لکيل هو ”اي ارض فل??طين مين بهي حاضر هون“.