اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ??شمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ ت??ئي?? ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي ت??ئي?? پاڪستان ۾ ڪير سک سان نه ويهندو، ڀارت جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان مضبوط ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ ت??ئي?? ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري خاص معاون ??لي نواز اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پ??رليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪر?? ڇڏيو. پاڪستان ڀارت جي ان قدم سان اتفاق نه ٿو ڪر??. هن چيو ته ڀارت جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آيا هئا، ڀارت ڪشمير ۾ ان اصول کي پائمال ڪيو. ان اصول موجب والاريل ??شمير پاڪستان جو حصو بڻجڻو هو. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڊوگرا راڄ ۾ جيڪي ظلم ڪيا ويا ڀارت انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري رکيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آهن. هزارين عورتون ??يواهه ٿيون ??هن. ڀارت والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪر?? رکيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. دنيا ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪر?? ورتي پر ڪشميري ان تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ڀارتي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪر?? ٿو. هن چيو ته والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم دنيا جون ??کيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آهي. ميڊيا آزاد آهي. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي طرف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ??شمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آهي. ڪشمير جي آزادي ت??ئي?? پاڪستان جو ڪو به شخص سک سان نه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پاڪستان ۽ ڪشميري عوام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪر?? ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ??مون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ??رڻ جي ڪوشش ڪر?? رهيو آهي. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميس??ئي?? جاري ڪيو ويو. ڀارت ان قدم جي ذريعي اتي حالتون ??بديل ??رڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪر?? رهيو آهي ۽ اهو ئي سلوڪ ڪشميرين سان به ڪر?? رهيو آهي. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته ڀارتي سازشن جي باوجود پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين کي آزادي ڏياري رهندو. هن چيو ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي. ڀارت ۾ غربت تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پاڪستان ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ ت??ئي?? ڀارت سان ڳالهيون نه ڪندو. جيست??ئي?? ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت ت??ئي?? ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.