اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يون??ور??ٽين ۾ آن لائين تعليم جو تناسب وڌائ?? جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته اهو طريقيڪار گهٽ لاڳت هجڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي اعليٰ تعليم تائين آسان پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، تعليمي ادارا پنهنجي ويزن تي نظرثاني ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا جي چئلينجن کي منهن ڏي?? جي لاءِ فڪري برتري حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏين. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ رفاهه انٽرنيسنل يون??ور??ٽي اسلام آباد بابت هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ رفاهه انٽرنيشنل يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آر آئي يو اسد الله خان، رجسٽرار برگيڊيئر (ر) انجنيئر سليم احمد خان، فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪ??يشن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. رفاهه انٽرنيسنل يون??ور??ٽي جي وائيس چانسلر صدر کي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان پنهنجي يون??ور??ٽين جي ڪاميابين ۽ ڪردار کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته يون??ور??ٽين کي چوٿين صنعتي انقلاب ۽ تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين جي گهرجن تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت ??هي ته جيئن پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ڪاميابين کانسواءِ يون??ور??ٽين کي اخلاقي علم ۽ شاگردن جي ڪردارسازي تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر مختلف معذور شاگردن کي ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي فيس ۾ ڇوٽ ڏي?? جي ايڇ اي سي جي پاليسي کي پڻ ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان انهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪر?? جي ترغيب ملندي. هن تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ رابطن ۽ عالمي يون??ور??ٽين سان تعاون کي فروغ ڏي?? جي ضرورت تي پ?? زور ڏنو جيڪو معياري تعليم جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر تعليم جي فروغ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪر?? جي حوالي سان يون??ور??ٽي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.