اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سا?? جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اها هدايت وزيراعظم قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي حوالي سا?? پنهنجي صدارت ۾ جائزي اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، پارلياماني سيڪريٽري وجيهه اڪرم ۽ تعليم واري وفاقي وزارت جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير شفقت محمود اجلاس کي تعليمي نصاب ۾ شامل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات جي حوالي سا?? تفصيلي بريفنگ ڏني. ان ڏس ۾ سمورن مڪتب فڪر خاص طور تي عالم سڳورن سا?? تفصيلي مشاورت ڪئي وئي آهي. استادن جي ٽريننگ ۽ امتحانن جي معيار تي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته سيرت النبي ﷺ ئي اسان جي نئين نسل جي لاءِ مشعل راهه آهي. آخري نبي ﷺ جي سيرت جو سڀ کان اهم رخ اخلاق ۽ ادب ۽ حس?? طرز زندگي آهي. هن چيو ته سمورن معاشرتي مسئلن جو بهترين حل سيرت النبي ﷺ جي تعليمات ۾ موجود آهي، تاريخ اسلام سا?? گڏوگڏ رسول الله ﷺ جي حيات مبارڪه مان چونڊ سنهري اصول ٻارن کي پڙهايا ۽ سمجهايا وڃن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي هڪجهڙي تعليمي نصاب تي عملدرآمد جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سا?? جلد مڪمل ڪيو وڃي.