دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، افغانس??ان ۾ اهڙي جامع حڪومت جي قيام جي ضرورت آهي جنهن ۾ سمورن گروپن جي نمائندگي موجود هجي، افغانس??ان جي دوست جي حيثيت سان اسان پنجشير جي معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪس??ان ان سلسلي ۾ پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪس??ان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيح?? کانپوءِ تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمانوف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪامياب انعقاد تي تاجڪس??ان جي صدر کي مبارڪباد پيش ڪئي. هن تاجڪس??ان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي بهترين ميزباني تي تاجڪس??ان جي صدر جو ٿورو به ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سياحت، اطلاعات، دواسازي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ افغانس??ان جي صورتحال تي به اهم ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو پاڪس??ان ۽ تاجڪس??ان پر پوري خطي لاءِ ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته افغان عوام 40 سال?? کان مشڪلاتن جو شڪار آهي، ان کي امن جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته پنجشير ۾ طالبان ۽ تاجڪن جي وچ ۾ تڪرار جي پرامن حل لاءِ ??ال??ي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان ڪوششون ڪنداسين ته ان معاملي کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ پاڪس??ان پشتون گروپن جڏهن ته تاجڪس??ان تاجڪن تي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو. وزيراعظم چيو ته افغانس??ان جي تاريخ ۾ اها فيصلائتي گهڙي آهي، افغانس??ان ۾ پشتون 45 سيڪڙو آهن، ا?? کانسواءِ تاجڪ ۽ هزاره سميت ڪيترائي ٻيا گروپ به موجود آهن، افغانس??ان ۾ جامع حڪومت جي قيام جي ذريعي ئي پائيدار امن ممڪن آهي، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين، وزيراعظم چيو ته افغانس??ان ۾ قيام امن جامع حڪومت جي قيام سان ئي ممڪن آهي. ا?? کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿيون ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ تقريب دوشنبي جي صدارتي محل ”قطر ملت“ ۾ ٿي، وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۾ پاڪستاني جڏهن ته تاجڪس??ان جي صدر امام علي رحمانوف پنهنجي ملڪ جي وفد جي قيادت ڪئي. ا?? کان اڳ وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان جڏهن ته صدر امام علي رحمانوف تاجڪساتن جي طرفان مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا ڪئي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پرڏيهي معاملن، صنعتي تعاون ۽ ٻٽي ٽيڪس?? کان بچاءُ، مني لانڊرنگ، دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ، فنانشل انٽيلي جنس، سياحت ۽ رانديون، اطلا??ات سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، تاجڪ خابرو اداري ۽ پاڪس??ان جي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (ا?? پي پي) جي وچ ۾ به مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ حاصل ٿيندو.