اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي، سپريم ڪورٽ جي ڪوريج انتهائي اهم ۽ حساس معاملو آ??ي، ڪورٽ رپورٽر سٺي طريقي سان اها ذميداري سرانجام ڏئي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار چو??ري فواد حسين پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير راجا محسن اعجاز کي صدر ۽ عديل سرفراز کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ ??ي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته عدليه تي ع??ام تي اعتماد وڌائڻ ۾ ڪورٽ رپورٽنگ جو اهم ڪردار آ??ي، چوڌري فواد حسين چيو ته عوام کي قانوني معاملن ۽ اهم عدالتي فيصلن کان آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ڪورٽ رپورٽرز جون خدمتون تحسين جي لائق آهن، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم اسان جو عزم آهي. صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊ فراهم ڪنداسين. چو??ري فواد حسين چيو ته صحت ڪارڊ جي ذريعي صحافي پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ 10 لک روپين تائين جي مفت علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو ۽ چيو ته اميد آهي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافين جي ڀلائي سميت ذميداراڻي صحافت جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.