لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريءَ ۽ ڀرپاسي مٿئين ع??ائقن ۾ غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽُٽي ويو آهي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌ??ڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، ڪيترن ئي ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار ماڻهن کي مريءَ ۽ مٿئين ع??ائقن جي سفر کان منع ڪندي رهي، وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي، انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج متاثر علائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ڪيو ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ هفتي کان مريءَ انتظاميا ۽ پنجاب حڪومت بار بار چوندي رهي ته مريءَ ۽ مٿئين ع??ائقن ۾ موسمي صورتحال خراب آهي، ماڻهو سفر کان پاسو ڪن، گذريل 48 ڪلاڪن دوران غيرمعمولي برفباري ٿي، ڪيترن ئي ڏهاڪن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سخت برفباري جي ڪري صورتحال خراب ٿي، ڪلڊنه ۽ باڙيان ۾ وڌ??ڪ مشڪل صورتحال پيدا ٿي، انهن ع??ائقن ۾ ماڻهن جون جانيون به ضايع ٿيون. جاني نقصان تي پوري پاڪستان جا ماڻهو ڏکويل آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان مريءَ جي صورتحال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پنجاب جي وڏي وزير کي مريءَ پهچڻ جي هدايت ڪئي، پنجاب جو وڏو وزير مريءَ روانو ٿي ويو آهي. هن چيو ته انتظاميا، ريسڪيو ادارا ۽ فوج مريءَ ۽ ڀرپاسي وارن ع??ائقن ۾ موجود آهي، ايف ڊبليو او جي مشينري پهچائي وئي آهي، ايڪسپريس وي ڪليئر ٿي ويو آهي، ماڻهن جي انخلا جو عمل جاري آهي. هن چيو ته نٿيا گلي طرف خيبرپختونخواهه حڪومت به سمورا رستا کولي ڇڏيا آهن، پنجاب حڪومت به متاثر ماڻهن جي لاءِ سمورا گيسٽ هائوس کولي ڇڏيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته مختصر وقت ۾ وڌ??ڪ ماڻهو انهن ع??ائقن طرف ويندا ته مسئلا پيدا ٿيندا، ڪنهن به انتظاميا جي لاءِ اهڙي اوچتو صورتحال کي هينڊل ڪرڻ مشڪل هوندو آهي. هن چيو ته ميڊيا مضبوط فورم آهي، ميڊيا ماڻهن کي مٿئين ع??ائقن جي صورتحال کان آگاهه ڪري، هن وقت سمورن مٿئين ع??ائقن ۾ تمام گهڻي رش آهي، اتي وڌ??ڪ ماڻهن جي گنجائش نه آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ميمبر صداقت علي عباسي هن وقت مريءَ ۾ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت پوري طرح الرٽ آهي، اسان ماڻهن سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته مريءَ ۽ مٿئين ع??ائقن ۾ گاڏيون هفتن يا مهينن ۾ داخل ناهن ٿيون، 24 ڪلاڪن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ گاڏيون داخل ٿيون، انتظاميا هنگامي قدم کنيو ۽ وڌيڪ گاڏين جي داخلا بند ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته اهڙي قسم جي صورتحال پيدا نه ٿئي، اسان کي ان معاملي مان سکي اڳتي وڌڻو پوندو.