اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته راوي ??رب?? ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آه??، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي ??رب?? ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وزيراع??م چيو ته راوي ??رب?? ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آه??، حڪومت ڪنهن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آه??، وزيراع??م چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آه??، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراع??م چيو ته اسان جي حڪومت تعميرات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار انهن منصوبن کي ماحول دوست ٺاهيندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت انهن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري.