اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي فورمن تي آواز اٿارڻ جا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ??روڊو پڻ ان جي مذمت ڪئي آهي. مملڪتي وزير ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف وزيراعظم پاران عالمي فورمن تي آواز اٿارڻ جا مثبت اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ??روڊو به ان جي مذمت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ان کان اڳ ??وس جو صدر پيوٽن ??ڻ اسلامو فوبيا کي راءِ جي آزادي چوڻ غلط قرار ڏئي چڪو آهي.