اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ نائ??جي??يا جي وچ ۾ دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي ??ي خاتمي وارن شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفو تعاون واکاڻ جوڳو آهي، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالم?? ڏينهن ملهائڻ جي تاريخي قرارداد جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظ??ري سان نسل پرستي ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جو خاتمو ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نائ??جي??يا جي دفاع واري وزير ميجر جنرل (ر) بشير صالحي ميگاشي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ قدرن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻطرفي لاڳاپن ??ي مضبوطي کي ساراهيو. آفريقا ۾ مارچ 2020ع کان نائ??جي??يا ??ي معيشت جي ٽاپ پوزيشن سنڀالڻ تي واکاڻ ڪندي ٻطرفي واپاري ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم دفاع، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي ??ي خاتمي جي شعبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي به ساراهيو. گڏيل قومن جي امن مشنز جي اهتمام هيٺ آفريقا ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي پراڻي خدمتن ۽ حصيداري کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ”انگيج آفريقا“ جي پنهنجي پاليسي کان آگاهه ڪيو جنهن جو مقصد سفارتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ آفريقا کنڊ سان واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي، وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي ازالي جي عالم?? ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي تاريخي قرارداد ??ي متفقه منظ??ري کي ساراهيندي چيو ته جنرل اسيمبلي پاران ان ازالي کانپوءِ نسل پرستي، امتياز ۽ مسلمانن جي خلاف تشدد جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم ان موقعي تي نائ??جي??يا جي صدر محمد بخاري سان ٿيندڙ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي ??ميد ظاهر ڪئي ته هو جلد کان جلد موقعو ملڻ تي پاڪستان ۾ سندس آجيان ڪندا.