اسل??م آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي او آءِ سي جي 48 هين اجلاس ۾ پرڏيهي وزيرن جي استقبال لاءِ مهمانداري وزير نامزد ??ري ڇڏيو آهي، اسل??م آباد ۾ 22 ۽ 23 مارچ تي او آءِ سي جو اهم اجلاس منعقد ٿي رهيو آهي. او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير آچر جي ٽپهر نيو انٽرنيشنل ايئرپورٽ اسل??م آباد په??ڻ شروع ٿيندا. مهمانداري وزير فرخ حبيب او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي آجيان ڪندو.