اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسلامي تعاون تنظيم (??و آءِ سي) پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، مسلسل ٻي??ن ڀيرو ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ فخر جوڳي آهي، ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي سميت مسلمان امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا، اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي. ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي حوالي سان تيارين جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي نيوز ڪانفرنس ڪندي پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، پرڏيهي سيڪريٽري ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻي?? عملدارن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس جي انتظامن جو جائزو ورتو، سمورا انتظام اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته ??و آءِ سي سيڪريٽريٽ جا ڪيترائي عملدار اچي چڪا آهن جڏهن ته آچر جي صبح مصر جو پرڏي??ي وزير پڻ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد پهچي چڪو آ??ي ۽ ان سان ٻطرفي ملاقات پڻ ٿي، اڄ سومر کان ٻي?? ملڪن جي پرڏي??ي وزيرن جي آمد متوقع آهي، ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جو 48 هون اجلاس تاريخي نوعيت جو آهي، ماڻهن جي تمام گهڻي دلچسپي آ??ي ۽ پوري قوم جون نظرون ان تي لڳل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ ٻئي پٺيان ??و آءِ سي پرڏي??ي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي، اجلاس جي تفصيلي ايجنڊا آ??ي ۽ امت کي درپيش چئلينجز غور هيٺ ايندا جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جي حوالي سان قراردادن تي تمام گهڻو ڪم ٿي چڪو آ??ي ۽ اڃا ڪجهه ڪم باقي آهي، اميد آهي ته مهمان نه رڳو انهن معاملن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا پر مطمئن ٿي واپس ويندا. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستان ??و آءِ سي جو باني ميمبر آ??ي ۽ هن اداري کي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار آهي، هن اداري جي وڌيڪ بهتري جي لاءِ پاڪستان کان جيڪو ٿي سگهيو پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته هلندڙ سال هن اجلاس جي اهميت اسان جي لاءِ ان لاءِ وڌيڪ آهي ڇو ته هي پاڪستان جو 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جو سال آهي، جيترا پرڏي??ي وزير اچي رهيا آهن، اهي 23 مارچ تي نيشنل ڊي پريڊ ۾ پڻ شرڪت ڪندا ۽ پوري قوم وڏي گرم جو??ي سان انهن جو استقبال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته اسلامو فوبيا جي معاملي تي وزيراعظم عمران خان جو ڪردار تاريخي آهي، هن سڀ کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿاريو ۽ آخرڪار گڏيل قومن اسلامو فوبيا جي خلاف قرارداد منظور ڪئي، هر سال 15 مارچ تي اسلامو فوبيا جي خلاف ڏينهن ملهايو ويندو، مسلمان امت جي دل آزاري جي تدارڪ جي لاءِ ??ي وڏو قدم آهي.