اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم ??ور??گزي?? چيو آهي ته ڊپٽي ??سپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي ??سپيڪر جي رولنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم ??ور??گزي?? چيو ته جنهن ڏينهن عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپٽي ??سپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپٽي ??سپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عدم اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عدم اعتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي ??سپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي ??سپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ آڏو رولنگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آهي.