اسلام آباد – 21 8211; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان عوامي نيشنل پارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر امير حيدر خان هوتي ۽ ايمل اسفنديار ولي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ اڳوڻو قومي اسيمبلي ميمبر حاجي غلام احمد بلور پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عه??و سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ م??جوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻول??ه ڪئي.