اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم شهباز شريف گڏيل عرب ام??رات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان شيخ خليفه زيد بن النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان تعزيت ڪئي. تعزيتي اجلاس ۾ شا??ي خاندان جا ٻيا ماڻهو به موجود هئا. وز??راعظم سان گڏ دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف، گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله ۽ گڏيل عرب ام??رات ۾ پاڪستان جو سفير افضل محمود پڻ موجود هو. وز??راعظم گڏيل عرب ام??رات جي قيادت سان پاڪستان جي قيادت، حڪومت ۽ عوام جي گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن ۾ ٻڌل آهن. مرحوم شيخ خليفه بن زيد النهيان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب ام??رات جا لاڳاپا نئين بلندين تي پهتا. هو پاڪستان جو مخلص دوست هو. سندس اڻٿڪ خدمتن کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام وڏي عرصي تائين ياد رکندي. گڏيل عرب ام??رات جي ڀائر ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي پاڪستان حڪومت 13 کان 15 مئي 2022ع تائين ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ قومي جهنڊو سرنگون رهندو.