اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. بجيٽ تي عام بحث دوران وزيراعظم ايوان ۾ ڪافي دير تائي?? ويٺل ر??يو. قومي اسيمبلي اچڻ تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم ان دوران پي ٽي آءِ جي ميمبر احمد حسين ڊيهڙ جي ب??يٽ تي تقرير غور سان ٻڌي ۽ هڪ موقعي تي ذاتي وضاحت پڻ ڪئي. ان دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪيت??ن ئي ميمبرن وزيراعظم سان قائد ايوان جي سيٽ تي وڃي ملاقات پڻ ڪئي.