سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جما??تي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي ??ي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجا??ي مظاهرن جي ڪال کي ورجائيندي ??شم??ري عوام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ??شم??ر ميڊيا سروس موجب ڪل جما??تي حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ??شم??ر جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ??شم??ري ان کي سدائين استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏهن انسانيت جي قا??ل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ??شم??رين جا سياسي، سماجي، مذه??ي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ??شم??ر ??ي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي حقن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ??شم??ر کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليون آڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊوميسائيل قانون سان ڪئي وئي.