اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ست??ن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئي??ي قدم جي مذمت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اڄ جمعي ڏينهن استحصال ڏهاڙو ملهئيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي ته پا??ست??ني عوام انهن جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلمن جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي ط??فن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئي??ي قدم جي مذمت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻهن جي خلاف ڀارتي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف ان??ان?? حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پا??ست??ن ۽ پا??ست??ن ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پا??ست??ن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي ط??ف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن جي اهم رستن تي ڪشميرين جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوسٽرز ۽ بل بورڊز هنيا ويندا. 5 آگسٽ 2019ع تي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.