اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جلال پور پير والا انٽرچينج تي ٿيل آئل ٽينڪر حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي، قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. اڱاري ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حادثي ۾ 20 قيمتي حياتين جي نقصان تي دلي ڏک ۽ صدمو پهتو آ??ي، منهنجو دعائو?? ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهن. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جا درجا بلند ڪري ۽ پونئرن کي صبر عطا فرمائي