سکر-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کي پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ يقين ڏياريو آهي، ته هو گڏيل قومن جا سمورا اختيار استعمال ڪري پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪندو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش وزيراعظم شھباز شريف ۽ پرڏيھي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداريءَ سان خصوصي اڏام وسيلي سکر ايئرپورٽ پھتو. جتي سنڌ جي وزيراعلي’ سيد مراد علي شاھ ۽ ٻين سندن استقبال ڪيو. استقبال بعد سکر ايئرپورٽ جي وي آءِ پي لا??ونج ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ بابت بريفنگ ڏني، ان موقعي تي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سبب پاڪستان ?? ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي انتها??ي افسوس آهي، اسان کي ٻوڏ جي صورتحال جو احساس آهي، ماحولياتي آلودگي کي گھٽ ڪرڻ لا??ِ اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي دنيا لا??ِ هڪ وڏو چئلينج آهي، جنهن سان هن وقت پاڪستان وڙهي رهيو آهي. اسان کي مستقبل ۾ اهڙن چئلينجن جو به مقابلو ڪرڻ لا??ِ تيار رهڻ گھرجي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي بچائڻ لا??ِ ڪوششون ڪرڻ گھرجن. هن چيو ته اسان پاڪستان کي هن ڏکي وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگھون، عالمي برادري هن وقت پاڪستان جي مدد لا??ِ اڳتي اچي. پاڪستان هن وقت دنيا جي انهن ملڪن ۾ فرنٽ لا??ين تي شامل آهي، جنهن کي موسمياتي تبديلي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال سنڌ ۾ 1185 ملي مليٽر برسات پئي آهي. رڳو سنڌ ۾ برسات ۽ ان جي ٻوڏ سبب 537 ماڻهو فوت ٿيا آهن. 2010ع واري ٻوڏ ۾ سنڌ جا 6 ضلعا متاثر ٿيا هئا. هن ڀيري سنڌ جا 24 ضلعا شديد متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن. لکين گھر ڊهي پيا آهن. مواصلاتي نظام، زراعت، لا??يو اسٽاڪ، صحت، تعليم جي شعبي کي لکن جو نقصان پهتو آهي. روڊ، ريلوي ٽريڪ اڃا تائين پاڻي ۾ ٻڏل آهن. هن وقت به اسان کي 30 لک خيمن ۽ مڇر دانين جي ضرورت آهي. متاثر علائقن ۾ جانورن لا??ِ خوراڪ جي کوٽ آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. سنڌ ۾ روڊن جي بحالي لا??ِ شروعاتي طور اربين روپين جي ضرورت آهي. اسڪولن، اسپتالن جي بحالي لا??ِ 5 ارب روپين جي ضرورت آهي. متاثرن جي بحالي تمام وڏو چئلينج بڻيل آهي. رڳو ڪراچي جي انفراسٽرڪچر جي بحالي لا??ِ 10 ارب روپين جي ضرورت آهي. هن وقت متاثر ماڻهن جي مدد لا??ِ عالمي برادري تعاون ڪري. بريفنگ ۾ شرڪت کانپوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دوروڪر لا??ِ وزيراعظم ۽ ٻين سان گڏي ھيلي ڪاپٽر ۾ روانو ٿي ويو.