اسلام آباد -10 آڪٽوبر (اي پي پي) منشيات جي روڪٿام بابت وفاقي وزير شاهزين بگٽي چيو آهي، ته ٻوڏ کان پوءِ سڀ کان وڏو چئلينج متاثرن کي موذي مرض کان بچائڻ آهي، حڪومت ٻوڏ م??اثرن جي بحالي لاءِ سڀئي گهربل وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، صحت جي عالمي اداري ط??فان ٻوڏ م??اثرن لاءِ دوائن جي فراهمي تعريف جوڳي آهي، سهڪار تي عالمي برادري ۽ صحت جي عالمي اداري جا شڪر گذار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي عالمي اداري جي اسلام آباد ۾ واقع ڪنٽري آفيس ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻوڏ سٽيلن لاءِ امدادي سامان جي پاڪستان?? عملدارن کي حوالگي لاءِ منعقد تقريب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي تقريب ۾ ٻوڏ م??اثرن لاءِ صحت جي عالمي اداري ط??فان ضروري دوائون پاڪستان حوالي ڪيون ويون.