اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري ديني عالم جامعه دارالعلوم ڪراچي جي صدر مفتي رفيع عثماني جي لا??اڻي تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن ک?? خراج ??قيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته هن فقه، حديث ۽ تفسير جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن ک?? ياد رکيو ويندو. صدر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.