اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي پاڻي ۽ توانائي جي تحفظ جي لاءِ روين ۾ تبديلي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو، شام جي وقت ۾ ڪاروبار جلد بند ڪري اسان ٽي کان چار هزار ميگاواٽ توانائي جي بچت ڪري سگهون ٿا جڏهن ته ننڍا ۽ وڏا پاڻي ذخيرا ٺاهي برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي بچائي ان کي زراعت ۽ ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آئي) جي 25 هين پائيدار ترقي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سفارتڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ??يو ته ا??ان جي روين جو هدف فضلي ۾ گهٽتائي ۽ اسان جي غيرضر??ري خواهشن کي ختم ڪرڻ طرف هجڻ گهرجي، اسان کي الله تعاليٰ ۽ محبت رسول (صه) سان سرشار ٿيڻ کانسواءِ پاڻ، پنهنجي خاندان، پاڙيسرين، انسانيت ۽ قوم سان گڏوگڏ ٻين قومن ۽ سم??ري جاندار ۽ غيرجاندار مخلوق سان نفرت کانسواءِ محبت جي مذهبي ۽ اسلامي قدرن تي ٻڌل خوشگوار زندگي گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته ا??ان پنهنجي روين ۾ بامعنيٰ تبديليون آڻي معاشي ۽ مالي مسئلن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا ۽ خوشگوار زندگي جو مضبوط بنياد رکي سگهون ٿا. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ اسان ٻوڏ کان متاٿر علائقن ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي مرحلي ۾د اخل ٿي رهيا آهيون. صدر ??يو ته ا??ان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ امڪاني تبديلين موجب پاڻ کي انهن موجب بڻائڻ ۽ هڪ مضبوط معاشرو بڻائڻ جي ضرورت آهي جيڪو ماحول ۾ ٿيندڙ تبديلين کي اختيار ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري قدرتي آفتن سان ڪاميابي سان نڪرڻ جي قابل هجي. صدر ??يو ته بحرانن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جا مختلف مرحلا هوندا آهن جن جي شروعات اڳ ۾ مسئلي کي سڃاڻڻ، هڪ بيس لائين ٺاهڻ، ماضي جي تجربن تي غور ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر ۽ سڄي دنيا ۾ سٺن طريقن کي بينچ مارڪ ڪرڻ سان ٿئي ٿو. هن چيو ته ا??ان کي پنهنجي هدفن، اهم ڪارردگي جي اشارن ۽ هڪ ٽائيم لائين جو تعين ڪري پنهنجي ذهن ۽ وسيلن کي مقرر هدف ۾ لڳائڻ گهرجي. صدر ??يو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گلوبل وارمنگ کي محدود ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ا??ان کي رويي ۾ تبديلي ۽ ٽائيم لائين جي لاءِ مڪمل عزم جي ضرورت آهي جيڪو في الحال دنيا ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. صدر ??يو ته دنيا وڌيڪ پيداوار وارن ٻجن، پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي انتهائي موثر ٽيڪنيڪ، مائيڪرو نيوٽرينٽس فراهم ڪرڻ جي لاءِ مصنوعتي ذهانت جي استعمال جي ذريعي خوراڪ جي فراهمي جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ به وڏي مقدار ۾ خوراڪ پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ان سان بک تي آسا??ي سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر ??يو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران بار بار هٿ ڌوئڻ، سماجي د??ري ۽ ٻيون پابنديون ڪرڻ جا پيغام ڏئي علائقائي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر ۽ سائنسي انداز ۾ وبائي مرض تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته وبائي مرض مستقبل ۾ ڪثرت سان پکڙجڻ وارا آهن.