اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيوري ڪوسٽ معيشت، واپار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي ??ٽا??ٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيوري ڪوسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ??در اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان ??در ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي ??در چيو ته پاڪستان آئيوري ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيوري ڪوسٽ جي واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو دور?? ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. ??در چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو ا??ن او سي آئي تحت آئيوري ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آئيوري ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آئيوري ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي ??در کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو سفارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ??در وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. ??در وفد سان آئيوري ڪوسٽ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وفد جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن ??در کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ??در جا ٿورا مڃيا.