اسلام آباد – 23 – ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ق??م اڄ پاڪستان جي بانين کي انهن جي سياسي دانشمندي ۽ جدا ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجه?? ڪرڻ جي عزم تي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي ت?? پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڀلي جيترا به چئلينجز هجن، انساني ارادو ناممڪن کي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته زندهه ق??مون پنهنجي ڪارڪردگي جي آئيڊيل سان ڀيٽ ڪري پاڻ کي آزمائين ٿيون، اهو انهن جو خود شناسي ۽ احتساب جو طريقو آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي تصور تي منهنجو پڪو يقين آهي، اچو اڄ 23 ??ار?? تي اسان قوم جي خدمت جو جذبو پيدا ڪريون.