اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف قومي اسيمبلي مان اع??ماد جو ووٽ حاصل ڪري ورتو، قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن وزيراعظم تي اع??ماد جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ شروع ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پوري ملڪ ۾ پارليامينٽ بابت سوال اٿي رهيا آهن، اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پارليامينٽ آئين، جمهوريت ۽ اعليٰ عدليه جي چار ٽي جي اڪثريتي بئنچ سان گڏ بيٺل آهي. بلاول ڀٽو زرداري قرارداد پيش ڪئي ته پاڪستان جي قومي اسيمبلي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف تي مڪمل اع??ماد جو اظهار ڪري ٿي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد کي راءِ شماري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته قومي اسيمبلي جي 180 ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي وزيراعظم ??حمد شهباز شريف تي پنهنجي اع??ماد جو اظهار ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته وزيراعظم ??حمد شهباز شريف تي 180 ميمبرن اع??ماد جو اظهار ڪيو آهي اهڙي طرح اها ق??ارداد قومي اسيمبلي پاران منظور ٿي چڪي آهي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور زندهه هجي ها ته اڄ ميمبرن جو انگ 181 هجي ها. واضح رهي ته وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهڻ جي لاءِ 172 ميمبرن جو اع??ماد لازمي آهي.