اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي صحافين کي خراج تحسين ??يش ڪندي چيو آهي ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀرپور هوندو آهي، صحافت جي ”واچ ڊاگ?? ڪردار ??مه??ريت ۽ شفاف حڪمراني ۾ مدد ڪئي آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي آئون سڄي دنيا جي صحافين کي ڀرپور خراج تحسين ??يش ڪريان ٿو. خاص طور تي پاڪستان جي صحافين کي عوام کي آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ جي ساراهه جوڳي ڪم تي خراج تحسين ??يش ڪريون ٿا. هن چيو ته جنهن ماحول ۾ اهي ڪم ڪن ٿا اهو اڪثر چئلينجن ۽ خطرن سان ڀريل هوندو آهي پر ان جي باوجود اهي ماڻهو پنهنجي ذميوارين جون ادائيگيون جاري رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته صحافت جي واچ ڊاگ ڪردار ??مه??ريت ۽ شفاف حڪمراني جي نظرين جي فروغ ۾ مدد ڪئي آهي.