اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (??يس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مخرالدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس ??وج?? ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ڪاسا – 1000 سميت رابطن جي منصوبن جي جلد پڄاڻي تي به اتفاق ڪيو.