اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي اپر ڪرم ۽ پاراچنار ۾ 8 استادن جي قتل جي شديد مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني ويندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ??اڪٽر عارف علوي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ ڊيوٽي تي مقرر استادن جي ٻن واقعن ۾ قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته دشمنن پاران استادن تي حملو مذمت جوڳو آهي. صدر مرحوم استادن جي درجن جي بلندي، پونئيرن جي لاءِ ص??ر جميل جي دعا ڪئي.