اسلام آباد -13 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف، پارلياماني معاملن واري وزير کي هدايت ڪئي ??ه بجيٽ تي ميمبرن جي تجويزن کي ??وٽ ڪرڻ ??اء?? لاڳاپيل آفيسرن جو گيلري ۾ موجود هجڻ انتهائي ضروري آهي، جيڪڏهن اربع ڏينهن آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. قومي اسيمبلي اجلاس جي شروعات تي اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جو وقت 11 بجي جو هو، پر بجيٽ تجويزون ??وٽ ڪرڻ ??اء?? سرڪاري آفيسر اڃا تائين گيلري ۾ موجود ناهن، پارلياماني معاملن وارو وزير اها ڳالهه وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻي، جيڪڏهن (اڄ) کان لاڳاپيل آفيسر موجود نه هوندا ته انهن خلاف ايڪشن کنيو ويندو.