اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ چ??و آهي ته 40 لک ڊالر جي لاڳت سان اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيلينس ايڊاپشن منصوبي سان بلوچستان کي فائدو ٿيندو، رائز ٽو منصوبي تحت حڪومت مشڪلات سڌارا ڪيا آهن، ان پروگرام جي ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کان جلد منظوري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نجي بينهيسن نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي تازي عهديدارن جي ڪارڪردگي کان کيس آگاهه ڪيو ۽ ان سان حڪومت جي ترجيحن جي روشني ۾ رهنمائي جي گذارش ڪئي ۽ ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. نگران و??يراعظم ترقياتي قدمن تي زور ڏيندي چيو ته ڳوٺاڻي علائقن بدران شهرن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو و??و آهي، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيُون ٿا. هن و??لڊ بئنڪ تي زور ڏنو ته اها ??يبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سميت بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري. نگران و??يراعظم بلوچستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي فنڊ سان جاري بلوچستان اينٽي گريٽيڊ ورلڊ ريسورسز مئنيجمينٽ اينڊ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ تي روشني وجهندي بلوچستان صوبي ۾ بهتر مئنيجمينٽ کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته بلوچستان ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ گهڻو ڪري وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي. هن 40 لک ڊالر جي اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيليئنس پراجيڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان نه رڳو ٻوڏ کان متاٿر علائقي پر صوبي جي ڳوٺاڻي علائقن جي رهواسين کي پڻ فائدو ٿيندو. ناڻي واري نگران و??ير مالياتي گنجائش کي اجاگر ڪندي چيو ته هو وزيراعظم کي بجيٽ سپورٽ پروگرام تي بريفنگ ڪري. ڪنٽري ڊائريڪٽر اعتراف ڪيو ته هن نگران و??يراعظم کي آگاهه ڪيو ته ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کان اهو پروگرام جلد منظور ٿي ويندو. ناڻي واري نگران و??ير ڪنٽري ڊائريڪٽر کي چيو ته غيرملڪي وسيلن جي وڌ کان وڌ ورڇ ۽ ان ۾ تيزي جي لاءِ آپريشنز کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ امڪانن جو جائزو وٺي. نگران و??يراعظم ۽ ناڻي واري نگران و??ير عالمي بئنڪ کي چيو ته اها ??رقياتي حصيدارن جي ترجيحن کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڪري. نگران و??يراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي فوري مدد تي عالمي بئنڪ کي خاص طور تي ساراهيو.