اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونائيٽيڊ انشورنس ڪ??پني کي صارف کي 45 لک رپيا 8 سالن جي منافعي سان گڏ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي انشورنس مح??سب جي فيصلي جي خلاف يونائيٽيڊ انشورنس ڪ??پني آف پاڪستان پرائيويٽ ??ميٽيڊ جي اپيل رد ڪري ??ڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فيصلي ۾ چيو ته ڪمپني معاملو 8 سالن تائين لٽڪائي رکيو ۽ شهري جي انشورنس جي رقم تي منافعو ڪمايو، انشورنس ڪ??پني شهري ??ي 45 لک ڪليم جي رقم سان گڏ 8 سالن جو منافعو پڻ ادا ڪري. تفصيل موجب ڪراچي جي شهري امتياز احمد پنهنجي گاڏي جي لاءِ 45 لک رپين جي انشورنس پاليسي ورتي، شهري ??اڏي کسجي وڃڻ تي انشورنس ڪ??پني کان 45 لک جي رقم ادا ڪرڻ جو چيو، ڪمپني امتياز احمد پاران گاڏي جي قيمت وڌيڪ ٻڌائڻ جو بهانو بڻائي انشورنس ڪ??يم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ??ڏيو. شهري انصاف جي لاءِ وفاقي انشورنس مح??سب سان رجوع ڪيو جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. انشورنس مح??سب جي فيصلي جي خلاف انشورنس ڪ??پني صدر کي اپيل ڪئي. صدر انشورنس ڪ??پني جي اپيل کي رد ڪندي ڪليم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صدر چيو ته انشورنس ڪ??پني گاڏي جو پريميم شهري ??ان 45 لک رپين جي حساب سان وصول ڪيو.