اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نال??وا??ي شاعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن س??وس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ا??لا??ات واري سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته افتخار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن چيو ته پاڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات کان وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. ا??لا??ات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته افتخار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. افتخار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نال??وا??ي شاعر افتخار عارف چيو ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه اڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم نال??وا??ي شارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪئي جنهن ۾ افتخار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي نال??وا??ي علمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم ا??لا??ات ۽ نشريات واري وزارت، انفارميشن س??وس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪ??ر سان جاري ڪئي وئي.