اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??رڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ??لاقاتون ڪيون ۽ گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو، اسرائيل جي حوالي سان ??اڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي نه ئي ايندي، اسان ڪنهن جي پوئيواري نه ٿا ڪريون، پنهنجي قومي مفاد موجب فيصلا ڪريون ٿا، اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت سرحد پار کان دهشتگرد حملن کي روڪيندي، سي پيڪ کي رول بيڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ايندڙ سالن ۾ سي پيڪ وڌيڪ ترقي ڪندو، دنيا جا ڪيترائي ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي وٺي رهيا آهن، غيرقانوني طور تي رهندڙ سمورن ملڪن جي پناهگيرن کي واپس وڃڻو پوندو، ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل سان ڀارت دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نگران ??زيراعظم آمريڪا جي دوري دوران گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ اهم خطاب ڪيو، هن ان ??وقعي تي پائيدار ترقي جي هدفن جي حوالي سان اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن جو اهتمام سيڪريٽري جنرل ڪيو هو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ان ۾ شريڪ ٿيا هئا، نگران ??زيراعظم وبائي مرضن بابت اهم اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي، هن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو جي حوالي سان ??نعقد اجلاس کي پڻ خطاب ڪيو جنهن جو اهتمام چين ڪيو هو. نگران ??رڏيهي وزير ٻڌايو ته نگران ??زيراعظم ان دوران ??ختلف ملڪن جي سربراهن سان ??ڻ اهم ملاقاتون ڪيون جن ۾ ايراني صدر رئيسي کانسواءِ ازبڪستان جو صدر، چين جو نائب صدر، گڏيل ??ومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، بل گيٽس، ريو ٽنٽو جو سي اي او پڻ شامل آهن، نگران ??زيراعظم وائيس آف آمريڪا، واشنگٽن پوسٽ، سي اين اين، بلومبرگ، نيوز ويڪ، ٽي آر ٽي ورلڊ ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس سميت عالمي ميڊيا جي نمائندن کي انٽرويوز ڏنا، هن پاڪستاني صحافين ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وفدن سان ??ڻ ملاقاتون ڪيون، نگران ??زيراعظم يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ ڪائونسل آف فارن ريليشن جي عهديدارن سان ??ڻ ملاقاتون ڪيون. ان کانسواءِ هو ايسوسيئيشن آف پاڪستاني فزيشنز آف نارٿ آمريڪا جيڪا پاڪستاني ڊاڪٽرن جي تنظيم آهي، سان ??ڻ ملاقات ڪئي. نگران ??رڏيهي وزير چيو ته نيويارڪ دوري ۾ منهنجون به تمام گهڻيون مصروفيتون رهيون، او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن سان ڪوآرڊينيشن ميٽنگ ٿي جنهن ۾ او آءِ سي جي اڳتي جي حڪمت عملي جي حوالي سان ??ڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، او آءِ سي ڪنٽيڪٽ گروپ آن ڄمون ۽ ڪشمير جيڪو اسان جي لاءِ تمام اهم گروپ آهي، جو پڻ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ڪشميري مسلمانن جي ڀرپور طريقي سان حمايت ڪئي ۽ ڀارت پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي پائمالين جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق تي زور ڏنو. هن ٻڌايو ته مون شن??ها??ي تعاون تنظيم جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. سيڪا، جي – 77 ۽ چين جو اسان جو گروپ آهي، ان جو اجلاس پڻ ٿيو، موسمياتي تبديلين بابت اجلاس ۾ پڻ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت رهي، 22 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ??نهنجون ٻطرفيون ملاقاتون ٿيون جن ۾ يورپ، مڊل ايسٽ جي ملڪن جا پرڏيهي وزير پڻ شامل هئا، عرب ليگ ۽ جي سي سي جي سيڪريٽري جنرلز سان ??ڻ ملاقات ٿي، ٽي آر ٽي ورلڊ، الجزيره، يو اين ڪارسپانڊنٽس ايسوسيئيشن سميت ميڊيا جي مختلف ادارن سان ??نهنجي به ڳالهه ٻولهه ٿي، ايشيا سوسائٽي، يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل فار انڊر اسٽينڊنگ جيڪو تمام اهم بزنس فورم آهي سميت مختلف ٿنڪ ٽينڪس سان به منهنجون ملاقاتون ٿيون، جلد آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جو وفد پاڪستان ايندو، ان ??لاقات جو مقصد آمريڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ هو، انهن کي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو، پاڪستاني آمريڪن بزنس مينن جي گروپ پي – 21 جي وفد سان ??ڻ ملاقات ٿي. نگران ??رڏيهي وزير چيو ته نگران ??زيراعظم گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل کي پنهنجي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي پائمالين کي پڻ دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، نگران ??زيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) کي پورو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان جي لاءِ پاڪستان جيڪي قدم کنيا آهن انهن کي اجاگر ڪيو. نگران ??زيراعظم پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۽ بهتري جي لاءِ کنيل ??دمن بابت پڻ ڳالهه ڪئي، هن فيسيلي ٽيشن ڪائونسل ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ??اڪستان جي موقف کي پڻ دنيا آڏو پيش ڪيو، نگران ??زيراعظم ڪوپ – 27 ۾ ڪيل ??اعدن کي پڻ ياد ڪرايو?? ڪوپ – 27 ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ کان ??تاثر علائقن جي بحالي لاءِ معاونت جو اعلان ڪيو ويو هو، نگران ??زيراعظم ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ??نڊ جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ ۽ ان جي لاءِ ڪيل 100 ارب ڊالر جي واعدن کي پورو ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. نگران ??زيراعظم 50 سيڪڙو فنڊز وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اسرندڙ ملڪن ۾ خرچ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??رڏيهي وزير چيو ته اسان ڪو به فيصلو ڪندي پنهنجي قومي مفاد کي مٿانهون رکون ٿا، اسرائيل جي حوالي سان جيڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن پاڪستان ۾ اهڙي ڪا سوچ نه آهي، نگران ??زيراعظم پنهنجي خطاب ۽ ان کانسواءِ او آءِ سي ڪنٽيڪٽ گروپ جي اجلاس ۾ جيڪو فلسطين جي مسئلي تي هو، ۾ به واضح انداز ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو هو ته اسرائيلي فوج جي هٿان ??لسطينين جي مٿان جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي ان جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ۽ فلسطينين کي انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي ۽ اتي جيڪا آبادڪاري ٿي رهي آهي ان کي بند ڪيو وڃي ۽ فلسطين جو مسئلو فلسطيني عوام جي امنگن موجب حل ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي خواهش آهي ته فلسطين 1967ع کان اڳ جي سرحدي حدبندي موجب هڪ آزاد رياست طور قائم ٿئي ۽ القدس الشريف ان جو گادي وارو شهر هجي، پاڪستان ??نهنجي ان اصولي موقف جو هر جڳهه تي اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين تي پاڪستان جي موقف ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، اسان ڪنهن جي پوئيواري نه ٿا ڪريون پر پنهنجي قومي مفاد جي بنياد تي فيصلا ڪريون ٿا. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان جو جيڪو وفد گڏيل ??ومن ۾ نمائندگي جي لاءِ ويو اهو نگران ??زيراعظم، نگران ??رڏيهي وزير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري تي ٻڌل هو جنهن دنيا آڏو پاڪستان جو ڀرپور طريقي سان ??وقف پيش ڪيو. نگران ??زيراعظم عالمي اڳواڻن سان ??طرفين ملاقاتن کانسواءِ درجنين ٻيون اهم ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. هن چيو ته اسلامو فوبيا سمورن مسلمان ??لڪن جي لاءِ هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي نگران ??زيراعظم ۽ مون پڻ ڳالهه ڪئي ۽ يو اين الائنس آف سولائزيشن جيڪو هڪ مضبوط گروپ آهي، جو پڻ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان ۾ اها مثبت اڳڀرائي ٿي ته سمورن ملڪن اسلامو فوبيا جي لهر جي مذمت ڪئي ۽ اهو طئي ٿيو ته گڏيل ??ومون ان حوالي سان ??دم کڻي، گڏيل ??ومن ان سلسلي ۾ ڪجهه قدم به کنيا آهن، 15 مارچ کي گڏيل ??ومن جي اهتمام هيٺ اسلامو فوبيا جي خلاف ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، ڊينمارڪ پنهنجي پارليامينٽ ۾ هڪ بل متعارف ڪرايو آهي ته جيئن قرآن مجيد ۽ مقدس صحيفن جي بي حرمتي کي روڪي سگهجي، ٻيا ملڪ به ان حوالي سان ??انونسازي ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن، او آءِ سي به پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان ??دم کڻندي جنهن سان اسلامو فوبيا جي خلاف قدمن ۾ تيزي ايندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ڪنهن اڪيلائپ جو شڪار نه آهي، جن 22 پرڏيهي وزيرن سان ??نهنجي ملاقات ٿي انهن مان ??ڪ ٻن کي مون ملاقات جي درخواست ڪئي جڏهن ته اڪثر پرڏيهي وزيرن پاڻ مون سان ??لڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، پاڪستاني پرڏيهي آفيس جا عملدار پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ۽ او آءِ سي ۽ گڏيل ??ومن ۾ اسان جو تمام اهم ڪردار هوندو آهي. نگران ??رڏيهي وزير هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ واضح ڪيو ته فلسطين ۽ اسرائيل جي حوالي سان ??اڪستان جي موقف ۽ پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، اسان ??لسطين جي عوام سان گڏ بيٺل هئاسين، بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين. افغانستان بابت سوال جي جواب ۾ نگران ??رڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تازن دهشتگردي جي واقعن تي اسان کي تمام گهڻي ڳڻتي آهي پر آئون اهو چوندس ته نه رڳو اسان کي پر پوري دنيا کي ڳڻتي آهي. هن چيو ته خوش آئنده ڳالهه اها آهي ته افغان حڪومت سان اسان جي ڳالهه ٻولهه جاري آهي جنهن ۾ اسان زور ڏنو آهي ته افغانستان ??ان ??اڪستان تي جيڪي حملا ٿي رهيا آهن ۽ اتي جن مختلف دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي آهي، انهن کي روڪڻ افغان حڪومت جي ذميواري آهي، ڪجهه مهينا اڳ چين پاڪستان افغانستان ??ه ڌريي اجلاس کانپوءِ گڏيل بيان ۾ پڻ واعدو ڪيو ويو هو ته پاڪستان جي خلاف افغان سرزمين جو استعمال بند ٿيندو، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي واعدي جي پاسداري ڪندي ۽ اڳتي اهڙا واقعا نه ٿيندا. روس کان تيل ۽ ٻين شين جي خريداري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران ??رڏيهي وزير چيو ته روس سان ??اڪستان جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا روس سان ??اپاري لاڳاپا آهن، پاڪستان ڪو اهڙو ڪم ناهي ڪيو جيڪو ٻين ملڪن کان ??ختلف هجي، پاڪستان روس کان خريداري ڪري ڪنهن عالمي قانون يا پابندي جي خلاف ورزي ناهي ڪئي. سي پيڪ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي جو اهم جز آهي، ان کي رول بيڪ ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ زراعت، ريلويز، زراعت جي ترقي، ٽيڪنيڪي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون سميت ڪيتريون ئي شيون شامل آهن، ايندڙ سالن ۾ پاڪستان چين اقتصادي لنگهه کي وڌيڪ ترقي ملندي، ان ۾ ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ڪيترائي ملڪ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن، آمريڪي سيڙپڪار به ان ۾ گهري دلچسپي رکن ٿا ۽ انهن جو وفد جلد پاڪستان ايندو، زراعت، آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ايندي، 2.5 ارب ڊالر جو تازو روانگي واپار ايندڙ سالن ۾ 10 ارب ڊالر تائين وڌي ويندو. هن چيو ته معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي ۾ سيڙپڪاري ۾ به عرب ۽ نار ملڪ دلچسپي وٺي رهيا آهن، توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ به جوائنٽ وينچرز ٿيندا، ڪيترين ئي مفاهمت جي ياداشتن تي ڪم ٿي رهيو آهي جن تي صحيحن جي حوالي سان ??فد جلد پاڪستان جو دورو ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي قيادت جو پاڪستان ۾ تمام گهڻو احترام ڪيو وڃي ٿو، جڏهن به سعودي قيادت پاڪستان جو دورو ڪري ٿي ته انهن جو شاندار استقبال ڪيو وڃي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ??نهنجي جاگرافيائي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ سمورا قدم کڻندو، ان سلسلي ۾ اسان ??نهنجي سمورن آپشنز کي استعمال ۾ آڻينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران ??رڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي پناهگيرن جي حوالي سان ??اليسي رڳو افغان ??ناهگيرن بابت نه آهي، ان ??اليسي ۾ سمورن ملڪن جا غيرقانوني پناهگير شامل آهن، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته سمورا غيرقانوني پناهگير پنهنجي ملڪن ۾ واپس وڃن، دنيا ۾ ڪو به ملڪ ڀلي يورپي هجي يا ڪو ٻيو، جيڪڏهن توهان غيرقانوني طور تي رهي رهيا آهيو ته توهان کي ڪير به اتي رهڻ جي اجازت نه ٿو ڏي، پاڪستان به اها پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ اسان ان جي مٿان سختي سان عملدرآمد ڪنداسين، جيڪي افغان ??ناهگير رجسٽرڊ ۽ قانوني طور تي رهن ٿا انهن کي ڪجهه نه چيو ويندو پر جيڪي غيرقانوني طور تي هتي رهي رهيا آهن انهن کي واپس پنهنجي ملڪن ۾ وڃڻو پوندو. ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران ??رڏيهي وزير چيو ته ان جو قتل بدقسمتي آهي، پاڪستان سالن کان چوندو رهيو آهي ته ڀارت اهڙي طرح جي واقعن ۾ ملوث آهي، ڀلي اهو پاڪستان ۾ هجي يا ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾، اهو واقعو پاڪستان جي موقف کي صحيح ثابت ڪري ٿو، ڀارت ڪيتري ئي عرصي کان ??ه رڳو پاڪستان ??ر ڏکڻ ايشيا جي سمورن ملڪن ۾ اهڙي قسم جي واقعن ۾ ملوث رهيو آهي ۽ جيترا به دهشتگرد گروپس آهن انهن کي سپورٽ ڪري ٿو، اسان عالمي برادري کي هڪ ڊوزيئر پڻ پيش ڪيو هو جنهن ۾ ڀارتي سرگرمين کان دنيا کي آگاهه ڪيو هو، هاڻي ڀارت ان کي هڪ عالمي ايجنڊا طور تي اختيار ڪيو آهي ۽ گڏيل ??ومن ۾ سمورن ملڪن جن سان اسان جو رابطو ٿيو، انهن ان حوالي سان ??نهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اهو معاملو ايترو جلدي حل ٿيڻ وارو نه آهي، ڀارت پنهنجي چهري تي جيڪو هڪ جعلي نقاب چاڙهي رکيو هو اهو لهي ويو آهي ۽ ڀارت دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي، ڪيترن ئي ملڪن ان ??اقعي جي عالمي جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي، ڀارت اڃا تائين ان حوالي سان ڪو واضح جواب نه ڏئي سگهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايران ۽ سعودي عرب جي بهتر لاڳاپن جو خطي تي پڻ اثر پوندو، خطي جا سمورا ملڪ ان سان خوش آهن، پاڪ ايران گئس پائيپ لائين جو منصوبو هڪ عرصي کان تعطل جو شڪار آهي، اسان ان جي رڪاوٽن کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، ان حوالي سان ايران سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.