اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪش??ير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪش??ير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪش??ير جي آزاديءَ ت??ئين ڪش??ير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪش??ير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي س??ن پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪش??ير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سال 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪش??ير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سان ملهايو وڃي ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غي?? قانوني طور والاريل ڄمون ڪش??ير جي آزاديءَ ت??ئين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اسپيڪر آزاد ڪش??ير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪش??ير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سالن ۾ آزاد ڪش??ير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ڄمون ڪش??ير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سان آزاد ڪش??ير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي س??ح تي اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪش??ير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏنو وڃي ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.