اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي ??ني?? خالد ج?? صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ??ني?? خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، ه?? نه رڳو صحافين جو نمائندو آهي پر بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، ??ني?? خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي ??ني?? خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ني?? خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ??ني?? خالد ج?? اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ايمبيسڊر پڻ آهي، ه?? اهو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ ??ني?? خالد ج?? خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪريون.