اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي اس??تا??ن، غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏنو آهي ته اهي ميڊيڪل جي نظام ۾ اسڪريننگ جي بهتر سهولتن تي ڪم ڪن ته جيئن عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلن ۾ خبر پئجي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ميموگرام ۽ الٽراسائونڊ جي ذريعي جلد تشخيص سان مريضن جي موت جي شرح ۾ 98 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. ناليواري انٽرنيشنل اس??تا?? پ??را?? نيشنل پريس ڪلب جي تعاون سان منعقد تقريب ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف ڊگهي مدي ۽ وسيع پئماني تي مهم جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن ملڪ ۾ هر سال عورتن جي 40 هزار موت جي ڳڻتي جوڳي حد تائين جي انگ ?? گهٽتائي آڻي سگهجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته ايوان صدر جي پليٽ فارم تان ان جي مسلسل مهم سان پهرين ۽ ٻئي مرحلي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪيسز جي رپورٽنگ کي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي. هن چيو ته جلد تشخيص سان ملڪ ۾ هزارين عورتن جون زندگيون بچائي سگهجن ٿي??ن. ??ن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي مهم جي هڪ حصي طور پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سيلولر سروسز جي ذريعي اردو زبان ۾ 140 ملين ٽيڪسٽ ميسجز ۽ رنگ ٽونز موڪليا. هن چيو ته جاري ڪيل پيغامن ۾ عام ماڻهن جي لاءِ ڇاتي جي ڪينسر، ان جي علامتن، پاڻ معائنو ڪرڻ ۽ وقت سر علاج بابت معلومات شامل هئي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي ماهوار بنيادن تي 5 منٽ پاڻ معائنو ڪرڻ جي مشق ڪن ۽ ڪنهن به غيرمعمولي صورتحال جو پتو لڳائڻ جي لاءِ فوري طور تي طبي مشورو وٺن. خاتون اول ناليواري انٽرنيشنل اس??تا?? پ??را?? ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص جي لاءِ 31 ڊسمبر تائين رعايتي ميموگرامز ۽ الٽراسائونڊز جي اسڪريننگ جي سهولت جي آڇ کي س??را??يو ۽ چيو ته ٻين اس??تا??ن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن قومي ۽ مقامي ميڊيا تي پڻ زور ڏنو ته اهي سڄو سال مستقل بنيادن تي پنهنجي پرگرامن جي ذريعي ان موذي بيماري کي اجاگر ڪندا رهن. ناليواري انٽرنيشنل اس??تا?? جي سي اي او هارون نصير چيو ته خاتون اول جي سرپرستي ۾ آگاهي مهم جي نتيجي ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي مريضن جي رپورٽ ٿيندڙ ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ٿيو، اهڙي طرح موت جي شرح ?? گهٽتائي آئي. هن پنهنجي اس??تا?? ۾ اسڪريننگ جي سهولت جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پروگرام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. نيشنل پريس ڪلب جي فنانس سيڪريٽري نيئر علي چيو ته صحافتي برادري ٽيليويزن پروگرامن ۽ مضمونن جي ذريعي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ان موقعي تي هڪ پينل ڊسڪشن منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ آنڪولوجي، ريڊيالوجي ۽ گائناڪالوجي جي شعبن جي ڊاڪٽرن جلد اسڪريننگ جي اهميت بابت ٻڌايو. طبي ماهرن عورتن جي لاءِ مناسب رهنمائي تي زور ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ معائنو ڪري طبي مشوري جي لاءِ ڪيئن رجوع ڪري سگهن ٿي??ن. ??ينل 40 سال کان وڌيڪ عمر جي عورتن جي لاءِ اسڪريننگ ۽ ميموگرام جي پڻ سفارش ڪئي.