مري – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته مري ايڪسپريس وي جي مرمت جي لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، هر 15 ڪلوميٽر تي بهترين معيار جا ريسٽ ايرياز ٺاهيا وڃن، غيرقانوني اڏاوتن کي روڪيو وڃي، نيو مري ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل بڊنگ ڪرائي وڃي، تع??يراتي منصوبن سان مري جي قدرتي حسن ۽ لينڊ اسڪيپ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. مري جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي اين ايڇ اي عملدارن بريفنگ ڏني. وزيراعظم مري ايڪسپريس ويس جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته هزاره موٽروي جي معياري ڪم کي نظر ۾ رکندي مري ايڪسپريس وي جي مرمت ڪئي وڃي، اڳ م ئي تمام گهڻو پئسو ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي هڪ پئسو به ضايع ٿيڻ نه گهرجي ۽ هزاره موٽروي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني سان مشاورت ۽ رهنمائي حاصل ڪري معياري ڪم ڪيو وڃي. وزيراعظم ايڪسپريس وي تي جڳهه جڳهه غيرقانوني تع??يرات روڪڻ 7 هر 15 ڪلوميٽر کانپوءِ مناسب جڳهه تي معياري ريسٽ ايرياز ۽ اسپاٽس بڻائن جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته سياحن کي بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم مري جي لاءِ پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو منصوبو مڪمل ڪرڻ ۽ تع??يمي سهولتون بهتر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نيو مري جي تع??ير ان انداز ۾ ڪئي وڃي ته علائقي جو قدرتي حسن متاثر نه ٿئي، ڪيبل ڪار ۽ چيئر لفٽ جي سهولت عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ عالمي بڊنگ ڪرائي و??ي. ??ن موقعي تي مواصلات وارو وزير مولانا اس??د محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ موجود هئا.