اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشر?? جي ڪمزور ۽ وچولي طبق?? جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي اسٽورز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ اسٽور کولڻ جي منظوري ڏئ?? ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائ?? جي خلاف عوام ۽ خاص طور تي غ??يب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پئڪيج جو اعلا?? ڪيو ويو آهي.