اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا ??ائ??س بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ?? 23 ??زار 569 ٽيسٽ ڪيا و??ا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا ??ائ??س کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪورونا مريض وينٽي ليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪورونا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا و??ا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿيل ڪيسز آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان ج?? 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختونخواهه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ڪيسز شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا و??ا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آهن.