پاڪ افغان واپار: هڪ نظر

image

ليکڪ: محمد عامر آفريدي
ترجمو: عدنان کوکر
واپار ماڻهن، ڪمپنين ۽ فرمز، ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ شين ۽ خدمتن جي وڪري يا ڏي وٺ جي عمل کي چوندا آهن، ملڪن جي وچ ۾ خريد ۽ وڪري جي عمل جي لاءِ هڪ خاص طريقيڪار جي ضرورت هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن جي وچ ۾ معاهدن جي ضرورت هوندي آهي ۽ اها به حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي ته اهي واپار ۽ واپاري رستن تان نه رڳو رڪاوٽون ختم ڪن پر واپارين ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون، آسانيون ۽ اعتماد به ڏين. ٻن ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي سان ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي زندگي ۾ خوشحالي اچي ٿي. جڏهن ته ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ آسانين ۽ سهولتن سان گڏوگڏ مختلف مسئلا ۽ مشڪلاتون به ٿين ٿيون جن جو جائزو لاڳاپيل حڪومتون وقت بوقت وٺن ٿيون ۽ محفوظ ماحول، سرمائي جو تحفظ ۽ ضمانت، رستي جي سهولت، شين جي درآمد ۽ برآمد جي لاءِ ٽرانسپورٽ، سرحدن ۽ ويزا جاري ڪرڻ جي اهم عمل کي آسان بڻائڻ سميت مختلف قدم کڻن ٿيون.

پاڪستان ۽ افغناستان جي وچ ۾ چمن سرحد تي دوستي جو دروازو

موجوده وقت ۾ جڏهن دنيا هڪ عالمي ڳوٺ ۾ تبديل ٿي آهي، فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن ۽ وقت جي رفتار به تيز تر آهي اهڙي صورت ۾ ??نس??ني سوچ ۽ فڪر ۽ واپار جا طور طريقا به تبديل ٿي ويا آهن، ٽيڪنالاجي ۾ جدت سان ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪم هاڻي ڪلاڪن ۽ منٽن ۾ ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي جي جدت ۽ سهولتن مان اڳ به ۽ هاڻي به ??نس??ني جبلت تحت واپاري ۽ سيڙپڪار ٻن ڏورانهن ملڪن بدران پنهنجي پاڙيسري علائقن يا ملڪن سان واپار کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. پاڙيسري ملڪن سان واپار جا ڪيترائي فائدا آهن جن ۾ امن امان جي بهتري، ويجها لاڳاپا، قومي دفاع ۽ سلامتي جو تحفظ شامل آهي.

پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي وچ ۾ دوستي دروازي تي افغ??نس??ان ويندڙ ماڻهن جي قطار

پاڪستان ۽ افغ??نس??ان به ويجها پاڙيسري ۽ ڀائر ملڪن آهن جيڪي زبان، ثقافت سان گڏوگڏ گڏيل مذهب ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جا لاڳاپا ايترا مضبوط ۽ بااعتماد آهن جو جڏهن 1979ع ۾ روس افغ??نس??ان تي حملو ڪيو ته ٻين ملڪن جي ابتڙ افغان شهرين وڏي انگ ۾ پاڪستان جو رخ ڪيو جتي انهن نه رڳو عزت ۽ وقار سان زندگي گذاري پر اڄ به افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ پاڪستان ۾ وڏا ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيو آهي، اهڙي طرح عوام سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم آهن.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب پاڪستان افغ??نس??ان جي لاءِ سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ملڪ آهي جتي افغ??نس??ان ۾ پيدا ٿيندڙ شيون برآمد ڪيون پيون وڃن جن جي ماليت ڪيترائي سئو ملين ڊالر آهي اهڙي طرح افغ??نس??ان پاڪستان جي شڊين جي لاءِ چوٿين وڏي برآمدي منڊي آهي. سال 2014ع کان اڳ افغ??نس??انجي لاءِ پاڪستان سڀ کان وڏو برآمدي ملڪ هو جڏهن تهبعد ۾ پاڪستان سان اها پوزيشن ايران جهڙن ٻين ملڪن حاصل ڪئي. افغ??نس??ان کي پاڪستان جي اهم برآمدات ۾ ڪڻڪ، سمينٽ، کنڊ ۽ چانور شامل آهن. افغ??نس??ان سان وڌيڪ پاڪستاني روانگي واپار جو اهو به سبب آهي ته ان ۾ شين جي پهچ ۾ ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وقت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت ٿئي ٿي ڇو ته ٻنهي ملڪن جون سرحدون پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن جو فائدو افغ??نس??ان جي حڪومت ۽ عوام کي پهچي رهيو آهي.
بدقسمتي سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي راهه ۾ ڪجهه مسئلا به درپيش آهن جن ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غيرقانوني واپار آهي، پاڪستان ان غيرقانوني واپار جي خاتمي لاءِ ڪجهه قدم پن کنيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طورخم ۽ چمن بارڊر جهڙيون راهداريون به آهن جتي قانوني طريقي سان واپار ٿئي ٿو، پاڪستان ۽ افغ??نس??ان ٻنهي گڏيل واپار ۾ سگهه، واپارين کي آسانين جي فراهمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ واپارين تي ٻڌل پاڪ افغان گڏيل ايوان صنعت ۽ واپار پڻ قائم ڪيو آهي. پاڪستان افغ??نس??ان سان واپار کي تمام گهڻي اهميت ڏئي رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان ڪيترائي عملي قدم پڻ کنيا آهن جنهن جو اندازو گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان پاران طورخم بارڊر ٽرمينل کي هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جي حڪم سان به ٿئي ٿو.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هڪ رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغ??نس??ان کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ان عرصي ۾ افغ??نس??ان پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 825.63 ملين ڊالر رهيو جيڪو مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 33.40 سيڪڙو گهٽ آهي، مالي سال 19 – 2018ع جي پهرين 11 مهينن ۾ افغ??نس??ان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 1.101 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ سال مئي ۾ افغ??نس??ان کي 17.01 ملين ڊالر ماليت جو روانگي واپار ڪيو ويو. گذريل سال مئي ۾ افغ??نس??ان کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڪاٿو 115.88 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ موجب اهڙي طرح افغ??نس??ان سان درآمدات ۾ 36.79 سيڪڙو جي گهٽتائي آئي آهي، گذريل مالي سال جي پهرين 11 مهينن ۾ افغ??نس??ان سان درآمدات جو ڪاٿو 119.32 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال 19 – 2018ع جي انهي عرصي ۾ افغ??نس??ان سان 163.13 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي هئي.
ملڪن جي وچ ۾ واپاري سرگرمين تي نظر رکڻ واري عالمي اداري ٽريڊنگ اڪنامڪس پاران جولاءِ 2020ع جي رپورٽ موجب سال 2019ع ۾ افغ??نس??ان سان پاڪستان کي 579.53 ملين ڊالر جي درآمدات ٿي جن ۾ 175.25 ملين ڊالر ماليت جا ميوا ۽ 155.14 ملين ڊالر ماليت جون ڀاڄيون شامل هيون. اهڙي طرح گذريل سال افغ??نس??ان سان 91.14 ملين ڊالر جي معدنيات ۽ تيل، 57.87 ملين ڊالر ڪپهه ۽ 32.78 ملين ڊالر ماليت جو لوهه ۽ اسٽيل به درآمد ڪيو ويو.
افغ??نس??ان جي لاءِ پاڪستاني برآمدات جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ پاڪستان جي لاءِ افغ??نس??ان جي درآمدات جو ڪاٿو گهٽ آهي جڏهن ته مجموعي طور تي گذريل مالي سال ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي آئي آهي. ٻنهي پاريسري ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ گهٽتائي ڇو آئي؟ ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ان بابت جڏهن پاڪ افغان جوائنٽ چيمبر آف ڪامرس ۽ سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر ۽ فرنٽيئر ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن جي موجوده صدر ضياءَ الحق سرحدي کان پڇيو ته هن ٻڌايو ته “پاڪ افغان واپار کي هن وقت مسئلا درپيش آهن ۽ گڏيل واپار ۾ به گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته هڪ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار جو ڪاٿو 2.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو جنهن کانپوءِ ان ۾ ترتيبوار گهٽتائي ايندي وئي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. جيڪڏهن موجوده صورتحال جو جائزو ورتو وڃي ته جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سڄي دنيا جي معيشتن کي سخت متاذثر ڪيو آهي اتي ان سان پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جون معيشتون به متاثر ٿيون آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدون بند هجڻ جي ڪري به ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا آهن، ڪجهه عرصو اڳ به پاڪ افغ??نس??ان سرحد بند ٿي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاڪ افغان سرحد کي 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو اعلان ڪيو، ان اعلان کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بهتري آئي جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري اها صورتحال خراب ٿي. هن چيو ته اڳ ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت معاملا ڪسٽمز کاتي، انتظاميا ۽ خيبرايجنسي ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ طئي ڪندا هئا جڏهن اڳوڻي فاٽا کي خيبرپختونخواهه ۾ ضم ڪيو ويو ته پوليٽيڪل ايجنٽ جوڪردار ختم ٿيو، ٿيڻ ائين گهرجي ها ته سمورا انتظام ڊپٽي ڪمشنر خيبر جي هٿ ۾ هجن ها جڏهن ته ان جي ابتڙ اتي ڊپٽي ڪمشنر ته آهي پر سمورا اختيار ڊي پي او سنڀالي ورتا آهن. ڪسٽمز کانسواءِ اتان جي سرحدي انتظام ۽ انصرام ۾ ڪيترائي ٻيا کاتا به شامل آهن جنهن جي ڪري به واپار متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي وچ ۾ واپار بابت معاملن کي ڪيترن ئي کاتن بدران هڪ کاتي کي ڏسڻ گهرجي، ان سان گڏوگڏ رستي جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سان بنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ نه رڳو استحڪام ايندو پر ان ۾ تمام گهڻو اضافو به ٿي سگهي ٿو. هن حڪومت کان ان حوالي سان خاص ڌيان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ تيزي آڻي سگهجي جنهن سان نه رڳو واپاري سرگرميون تيز ٿينديون پر ان سان عوام ۽ حڪومتن جي لاءِ خوشيون پڻ کڻي ايندي”.

پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي عوام جي وچ ۾ واپار ۽ واپاري رابطا نوان نه آهن پر اهي صدين کان قائم آهن، ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ واپار بابت سرحد چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر حاجي محمد افضل چيو ته جڏهن به امن امان يا دهشتگردي جي ڪري چمن ۽ طورخم سرحد بند ٿئي ٿي ته افغ??نس??ان جي عوام لاءِ خوراڪ سميت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، انهي جي ڪري افغ??نس??ان ايران جي سرحد ۽ بندرگاهن جو استعمال وڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي وچ ۾ گڏيل واپار جي جيڪا صورتحال آهي ته يقيني طور تي ٻئي ڀائر ملڪ آهن، ٻنهي ملڪن جون عوامي ۽ اقتصادي حالتون به هڪ جهڙيون آهن، ٻئي ملڪ صدين کان ڪاوباري رابطن ۾ واڳيل آهن، جيڪڏهن هڪ طرف پاڪستان کي وچ ايشيائي رياستن تائين پهچ جي لاءِ افغ??نس??ان جي ضرورت آهي ته ٻئي طرف افغ??نس??ان وٽ سمنڊ نه آهي ۽ ان کي سڀ کان وڌيڪ پاڪستان جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ افغان واپار ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن ۾ هر ٻئي ڏينهنسرحدن جي بندش سڀ کان وڏو مسئلو آهي، محدود پئماني تي ٽرڪن کي برآمد جي اجازت به هڪ اهم مسئلو آهي، هي اهي حالتون آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيون آهن. هن چيو ته انهن مسئلن جو مستقل حل ضروري آهي، واپارين کي آسانيون فراهم ڪرڻيون پونديون، چيڪنگ جو نظام خودڪار بڻائڻو پوندو، اسڪريننگ جي ذريعي چيڪنگ جو نظام ايترو شفاف بڻائڻو پوندو جو نه رڳو وڏي انگ ۾ درآمد ۽ برآمد ٿئي پر ٽرانزٽ ٽريڊ سميت ٻيا معاملا پڻ آسان بڻائي سگهجن. ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ افغ??نس??ان جي اقتصادي حالت ۾ بهتري ايندي پر ٻنهي ملڪن جي حڪومتن جي وچ ۾ غلط فهميون به ختم ٿينديون. هنچيو ته امن امان جي صورتحال به ان صورت ۾ بهتر ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن سرحد جي ٻنهي طرفن کان رهندڙ ماڻهو خوشحال هجن ۽ ڪاروبار جي ذريعي آمدني حاصل ٿئي ته ماڻهو ٻين سرگرمين تي ڌيان نه ڏيندا. اسان کي انهن معاملن کي گهري نظر سان ڏسڻو ۽ ان بابت سوچڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس