اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بلاول ڀٽو ۽ سنڌ ??ڪو??ت ڪراچي پيڪيج بابت حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهي آهي، ڪراچي پيڪيج تحت سمورن منصوبن جي سرپرستي وفاقي ??ڪو??ت ڪندي، 611 ارب وفاق ادا ڪندي جڏهن ته باقي فنڊز صوبائي ??ڪو??ت جي ذمي آهن، مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت نيب جي سامهون ??نل ٻلي بڻيل آهي ۽ ٻاهر نڪري شرمندگي بيان ڪرڻ بدران ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، پنهنجي اڪائونٽس ڀريندڙن کي عوام ووٽ جي طاقت سان رد ڪيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ??يرو وفاقي ??ڪو??ت اهڙو صوبو جتي انهن جي ??ڪو??ت نه آهي ان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ دلچسپي وٺندي رڪيل منصوبن کي مڪمل ڪرڻ وڃي رهي آهي، ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي سان اهي ماڻهو پريشان آهن جنهن پاڪستان ۾ مني لانڊرنگ جو بنياد رکيو، انهن ماڻهن جي ڪري پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي گري لس?? ۾ شامل ڪيو ويو، پارليامينٽ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف راءِ ڏيندڙ دشمنن جو هٿيار سمجهيا ويندا ڇو ته ڀارت پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لس?? ۾ وجهڻ جي هر ڪوشش ڪري ڏٺي، اين آر او جي ڪا شڪل ناهي هوندي پر اهڙو ئي رليف هوندو آهي جنهن سان شخصتن کي قانون ??ان مٿانهون سمجهيو ويندو آهي، مخالف ڌر کي اين آر او ڏيڻ کان بهتر آهي ته پوري ملڪ جي جيلن کي کوليو وڃي ۽ ننڍو ڏوهه ڪندڙن کي به ايئن ئي آزاد ڪيو وڃي جيئن آزادي مخالف ڌر گهري رهي آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.