هري پور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??لڪ کي ترقي يافته بڻائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪو??ش ڪري رهيا آهيون، ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خصوصي اقتصادي زون سان ملڪي معيشت کي فروغ ملندو، نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جي ڪو??ش هوندي ته ??ڌيڪ وسيلا تعليم جي بهتري تي لڳايون. اهڙن خيالن جو اظهار هن هري پور ۾ پا?? آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان جو ڪم ڪو??ش ڪرڻ آهي، ڪاميابي الله جي ذات ڏيندي اهي، اسان ۾ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ??لڪ کي ترقي يافته بنائڻ جي لاءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي لاءِ ڪو??شون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪندي ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ??لڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.