اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن ”ڪو به بک وگهي ??ه مرندو“ تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻينداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام جي فلاح ۽ ڀلائي جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو آهي ته مستحق ماڻهو ??زيراعظم جي دل جي انتهائي ويجهو آهن، حڪومت پاران پناهگاهن ۽ لنگر خ????ن جو قيام انهي سلسلي جي ڪڙي آهي.