اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 48 فوتگيون ٿيون جنهن مان 30 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 772 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 48 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 44 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 38 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 32 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 47 سيڪڙو، ملتان ۾ 38 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. ??ذر??ل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 39 هزار 604 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 11 هزار 208، پنجاب ۾ 14 هزار 7، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 509، اسلام آباد ۾ 6 هزار 540، بلوچستان ۾ 431، گلگت بلتستان ۾ 466، آزاد ڪشمير ۾ 443 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 78 هزار 517 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 318 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 35 هزار 163 آهي.