اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني معاشري جي بهتري لاءِ تعليم سان تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته علم سان گڏوگڏ معاشري جو درد محسوس ڪرڻ ۽ انڪساري به ضروري آه??، سڄي دنيا ۾ علم تي ٻڌل معيشت جو دور اچي رهيو آه??، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين کي فروغ ملي رهيو آه??، نالج اڪانومي جي بنياد تي ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، معاشري مان بدعنواني جو خاتمو اڻٽر آه??. هو ايوان صد?? ۾ ??لام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي 25 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ريڪٽر امين الله خان، اي ڊي شڪيل دراني ۽ پروفيسر وسيم احمد خان به خطاب ڪيو. صدر چيو ته گريجوئيٽ ٿيندڙ شاگردن، سندن والدين ۽ استادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو ڇو ته ان ڪاميابي ۾ انهن سڀني جو ڪردار رهيو آه??. هن چيو ته علم جي ڪا به حد نه آه??، نوجوانن کي ان رستي تي هلندي وڌيڪ علم جي جستجو جاري رکڻ گهرجي. صدر چيو ته دنيا وڏي تيزي سان ترقي ڪري رهي آه??، ان ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم سان گڏوگڏ سٺي اخلاق، انساني همدردي ۽ انڪساري اختيار ڪرڻ به ضروري آه??. صدر چيو ته اڄ دنيا ۾ علم جي گهڻائي آه??، چوٿون صنعتي انقلاب وڏي تيزي سان رونما ٿيڻ وڃي رهيو آه??، اهڙي ۾ پاڪستان کي تيار رهڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته اسان کي تيزي سان بدلجندڙ دنيا ۾ مقابلي جي لاءِ ذهانت کي فروغ ڏي??و پوندو، هاڻي صرف قدرتي وسيلن جي بنياد تي ڊگهي ترقي ممڪن نه آه?? پر ان جي لاءِ ذهانت ۽ فڪر کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آه??، ان ميدان ۾ پاڪستان مقام پيدا ??رڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان مقصد جي لاءِ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ??رڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي ڪفايت شعاري جي فروغ، بدعنواني جي خاتمي ۽ وقت سر درست فيصلن جي اهميت تي زور ڏيندي ان حوالي سان موجوده حڪومت جي قدمن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ڪورونا وبا جي دوران وزيراعظم جي انساني همدردي تي ٻڌل سمارٽ حڪمت عملي تحت ملڪ کي ڪاميابي حاصل ٿي. صدر تعليمي ادارن تي زور ڏنو ته هو تيزي سان بدلجندڙ رجحانن کي نظ?? ۾ ??کندي آن لائين تعليم جهڙا طريقا اختيار ڪرڻ تي ڌيان ڏي ته جئين وڌ کان وڌ آبادي کي معياري تعليم تائين پهچ آسان ٿي سگهي. صدر مملڪت غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي لاءِ ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ امين الله خان ۽ ٻين ايوان صدر ۾ ڪانووڪيشن تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ??يو. هن اداري جي ڪارڪردگي ۽ نمايان ڪاميابين کي اجاگر ڪندي ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ بهترين انجنيئرز ۽ سائنسدان تيار ڪرڻ جي تاريخ رکي ٿو، هن چيو ته مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن جي اهميت جي پيش نظر جديد علم ۾ پروگرام متعارف ڪرايا ويا آه??. هن نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي. تقريب ۾ صدر مختلف شعبن ۾ گريجوئيشن ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سندن سان گڏوگڏ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ميڊلز به ورهايا.